غلام حسين خاصخيلي

غلام حسين خاصخيلي

غلام حسين خاصخيلي

غلام حسين خاصخيلي : نامياري صحافي، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار غلام حسين خاصخيلي، 17 آگسٽ 1975ع تي محمد رمضان خاصخيليءَ جي گهر، ڳوٺ ڪنڊي خاصخيلي، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاهه (شهيد بينظير آباد) ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي ڀر واري اسڪول (محمد خان ڌاريجي) مان ورتي. ثانوي تعليم گورنمينٽ مڊل اسڪول سکيي مناهينجي مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول سڪرنڊ مان پاس ڪري، انٽر گورنمنٽ ڊگري ڪاليج سڪرنڊ مان ڪيائين. گورنمنٽ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد ايم. اي (سنڌي ادب ۾) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين. غلام حسين خاصخيليءَ لکڻ جو آغاز ڇهين درجي دوران ڪيو. سندس لکڻيون ’هلال پاڪستان‘، روزاني ’آفتاب‘، ’جاڳو‘، ’عوامي آواز‘، ’عبرت‘، ’گل ڦل‘، ٽه ماهي ’مهراڻ‘ ۽ ’سرتيون‘ رسالن ۾ شايع ٿينديون رهيون آهن. هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ’ادبي سنگت‘ پروگرام ۾ پنهنجون تخليقون پيش ڪيون. سندس گيت ۽ غزل ڦوٽو زرداري، فوزيه سومرو، استاد امير علي، منظور سخيراڻي ۽ ٻين فنڪارن ڳايا آهن. سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ جو سيڪريٽري، پريس ڪلب سڪرنڊ جو صدر، سنڌ پيپلز پارٽي، ڪلچرل ونگ جو ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري، پريس ڪلب حيدرآباد جو خزانچي ۽ ٻين مختلف تنظيمن جو عهديدار رهيو آهي. هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مختلف پروگرامن ۾ 15 سالن تائين ڪمپيئر ۽ انائونسر طور پڻ خدمتون سر انجام ڏنيون آهن. غلام حسين خاصخيليءَ صحافت ۾ 1994ع کان پير پاتو. هن مختلف اخبارن جي نمائندي طور پهرين بختور، آفتاب، خادم وطن ۽ پاڪ اخبارن جي نمائندگي ڪئي. هن وقت روزاني عبرت حيدرآباد ۾ سينئر اسٽاف رپورٽر طور ڪم ڪري رهيو آهي. انڊس نيوز ٽي. وي چئنل جو بيورو چيف حيدرآباد رهڻ کان سواءِ، ريڊيو وائس آف جرمني، ريڊيو وائيس آف آمريڪا ۽ بي. بي. سي لنڊن تي مختلف تجزيا پڻ ڏئي چڪو آهي. کيس ’انسان دوست ويلفيئر ائسوسيئيشن سوسائٽيءَ طرفان ’بهترين شاعر جو اوارڊ‘، شيخ ڀرڪيو شگر مل اسٽاف پاران ’بهترين صحافيءَ جو اوارڊ‘ ۽ ڪيترا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. غلام حسين خاصخيلي گذريل 20 سالن سان تحقيقاتي رپورٽون ۽ ڪالم لکندو رهيو آهي. صحافتي ڪيريئر دوران هن ڪيترين وڏين شخصيتن جا انٽرويو پڻ ڪيا آهن. هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ غلام حسين خاصخيليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.08.17  عيسوي

نامياري صحافي، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار غلام حسين خاصخيلي، 17 آگسٽ 1975ع تي محمد رمضان خاصخيليءَ جي گهر، ڳوٺ ڪنڊي خاصخيلي، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاهه (شهيد بينظير آباد) ۾ جنم ورتو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

نور جوکيو
آصف رضا موريو
زيب النساءَ حميدالله
فاروق احمد راشدي
شان ڏهر
اعجاز حسين مهر
رڪ سنڌي
طارق قريشي
پروانو ڀٽي
خالد کوکر
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون